سنڌ سماچار

سنڌ سماچار (اخبار): ديو ناگريءَ ۾ شايع ٿيندڙ هيءَ اخبار پنڊت ميور شرما ۽ پنڊت سو ديشور طوطارام جي نگراني ۽ ادارت ۾ 28 جولاءِ 1920ع کان شايع ٿيڻ لڳي. هيءَ اخبار پهرين هفتيوار ۽ بعد ۾ روزاني اخبار طور شايع ٿيندي هئي. هن اخبار ۾ تعليمي ۽ اخلاقي مضمون شايع ٿيندا هئا. اخبارسنڌ سماچارشڪارپور پرنٽنگ پريس مان ڇپجي، پريم ڌرم سڀا هاءِ اسڪول شڪارپور مان پڌري ٿيندي هئي. هيءَ اخبار 1939ع تائين باقائده شايع ٿيندي رهي بعد ۾ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو